پنهور غلام محمد

پنهور، غلام محمد: ساهتي علائقي جي استادن ۾ غلام محمد پنهور جو نالو وڏي عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. اڄ به سندس نالي تي غلام محمد پنهور گورنمينٽ نيشنلائيزڊ هاءِ اسڪول مٺياڻي موجود آهي. استاد غلام محمد ولد محمد سومر پنهور، ايم. اي ۽ بي. ٽي پاس هو. بهترين سماجي ورڪر ۽ علم ادب سان چاهه رکندڙ شخصيت هو. هن تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ ڪيترا اسڪول کولرايا. جهڙوڪ: مالو پنهور، جمعو پنهور، زبير پنهور، هاءِ اسڪول غلام محمد پنهور، ڊڀرو. ان کان سواءِ هن ڪيتريون مسجدون ٺهرايون ۽ ڪن جي مرمت پڻ ڪرائي. جن ۾ هالاڻي، ٺٺ پراڻي ۽ ٻُڍل پنهور جي ڳوٺن جون مسجدون اچي وڃن ٿيون. هو پڙهائيءَ دوران شاگردن ۾ تقريري مقابلا به ڪرائيندو هو. استاد غلام محمد پنهور گچيري ۽ موري جي اسڪولن کان سواءِ ٽريننگ ڪاليج مٺياڻيءَ ۾ به پڙهايو. سندس پڙهائيءَ کان سواءِ ٻيون مشغوليون ڏسي هيڊماستر ٽريننگ اسڪول مٺياڻيءَ کيس منع ڪئي ته پڙهائيءَ کان سواءِ ٻيا ڪم نه ڪري، ان تي جذبات ۾ اچي نوڪريءَ تان استعفا ڏئي ڇڏيائين. ڪجهه عرصو حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول ۾ خانگي طور استاد به رهيو، پر اتي به هيڊماستر سندس سماجي ڪمن جي مخالفت ڪئي. غلام محمد پنهور عربي ۽ فارسيءَ تي عبور رکندو هو. وڪالت جو امتحان به پاس ڪيائين. ڪجهه عرصو ڪورٽن ۾ عريضي نويس طور ڪم ڪيائين. حيدرآباد ۾ ٽيوشن به پڙهيائيندو هو. علم ۽ ادب سان شوق هئڻ ڪري، ڳوٺ غلام محمد پنهور ۾ لائبرري قائم ڪرايائين. سندس ڪوششن سان ڳوٺ ۾ گرلس اسڪول جي عاليشان عمارت ٺهيل آهي. استاد غلام محمد پنهور اپريل 1989ع ۾ وفات ڪئي. سندس تربت سندس نالي سان قائم هاءِ اسڪول جي احاطي ۾ موجود آهي. هي املهه ماڻڪ انسان هو، پر سندس مناسب قدر شناسي نه ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو